غيرقانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ تاريخي احتجاج ڪنداسين: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو،  آڪاش ملاح، غلام نبي کٽي، نويد ميمڻ، سهيل ڀٽو، نواب بڙدي ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد جي آر ڪالوني ۾ پهچي پروفيسر عطا بلو جي چاليهي واري تقريب ۾ شريڪ ڪئي، قاسم آباد ،گلشن سجاد ۾ مختلف ڪارنر گڏجاڻين ڪيون، جنهن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ تاريخي احتجاج ڪري رهيا آهيون هن چيو ته سنڌ ۾ انصاف ۽ قانون ناهي، سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ وڃي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪري سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ منظم جدوجهد ڪنداسين،جڏهن ته جسقم چيئرمين سان گڏ جسقم ضلعي حيدرآباد جا ڊپٽي آرگنائيزراحمد لغاري، وقار ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.