ادبي سنگت پاران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي اڄ احتجاج جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي، جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي ، عورت  جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب ، خزانچي خطائي ٿيٻي ، آڊيٽر حسين سارنگ ، پريس ترجمان رمضان ميمڻ پڌرو ڪيو آھي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتل جوابدارن جي گرفتاري ، ڪوڙي بھتان جي بنياد تي قيد ٿيل پروفيسر نوتن لال جي آزادي، معصوم فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ، معصوم نياڻي پريا ڪماريء جي آزاديء ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪاليء جي لاء 8 آڪٽوبر 2023 تي آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ ۾ سنڌ سنگت جون شاخون مظاھرا ڪن ،ضلعي رابطه سيڪريٽرين ، شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ميمبرن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته مظاھرن کي يقيني بنائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.