حيدرآباد (پ ر) سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به بندوبست ناهن ڪيا ويا. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ زبردست ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار هن معاملي تي اگهور ننڊ ستل آهي. سنڌ ۾ ترسيل پرڏيهين خلاف ڪا به موثر ڪاروائي ناهي ٿي. سنڌ سرڪار ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ڊيٽا ئي گڏ ناهي ڪئي. غير قانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ افغانين جي واپسي تي ماتم ڪندڙ سياسي ۽ مذهبي تنظيمن توڙي انساني حقن جي نام نهاد علمبردارن کي افغاني اسمگلر فنڊنگ ڪندا هوندا، غيرقانوني طور ترسيل غير ملڪين جي واپسي ۾ رڪاوٽ وجهندڙ عنصرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ دائود ڏاهري ۽ علي محمد ڪلمتي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جن ماڻهن رشوت عيوض پرڏيهين کي ملڪ ۾ آباد ڪري ملڪي سالميت کي نقصان پهچايو تن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن عوامي تحريڪ شهدادپور جو سينيئر اڳواڻ مشتاق لغاري اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو جنهن تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ مشتاق لغاري جو شاندار ڪردار رهيو، هن جي وفات تي اسين سندس گهرڀاتين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.