قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ حيدرآباد ۾ جلسو رٿيل

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي تحريڪ  پاران افغانين کي سنڌ مان نيڪالي، مھانگائي، ڪرپشن ،سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي،زرعي تباھي، ڪوڙي آدمشماري، ڌاڙيل راڄ نياڻي ۽ صحافين جي قتل، ميرٽ جي تباھي، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڄ شام 4 وڳي ھٽڙي باء پاس حيدرآباد تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسي عام قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيندو، جلسي عام ۾ ھزارين سنڌياڻين سميت لکين ماڻهو شرڪت ڪندا. ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ضلعن مان گذريل رات قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدرن جي اڳواڻي ۾ گاڏين جا قافلا روانا ٿي ويا آهن. 50 فٽ ويڪرو 100 فٽ ڊگھو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي 25 ھزار کان مٿي ڪرسيون لڳايون ويون آهن، اشرف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور دوران سنڌ جي ترقي ۽ وسيلن کان مڪمل لاتعلق رھي تيل ڪوئلو، گئس، پئٽرول ڏيندڙ سنڌ جا ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. پيپلز پارٽي سنڌين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني افغاني ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏنو افغاني سنڌ ۽ ملڪ لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.