ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر اڳوڻي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي ملير ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ آندو ويو جتي هن پنهنجي وڪيلن جي موجودگي ۾ چيو ته آئون الله جي پاڪ ڪلام جو قسم کڻندي چوان ٿو ته ڪوڙ ڳالهايان ته الله جو قهر نازل ٿئي هن چيو ته اسان جي ليڊر پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪڏهن به اسان کي سرڪاري توڙي نجي ملڪيت تي حملن لاءِ نه چيو، قسم کڻي چوان ٿو ته 25 مئي تي شايد جهيڙو به ٿي سگهيو پئي پر جڏهن پارليامينٽ وڃي رهيا هئاسين ته ان وقت به خان صاحب صرف انهيءَ ڪري واپس ٿيو متان جهيڙو نه ٿي پوي هن چيو ته تازي وائرل ٿيل عثمان ڊار واري وڊيو جنهن ۾ ان چيو آهي ته عمران سرڪاري توڙي پرائيويٽ ملڪيتن تي حملن تي اڪسائيندو هو جيڪو سراسر ڪوڙ آهي مان ڪيترائي سال ڪورڪميٽي جو ميمبر رهيو آهيان عمران خان ڪڏهن به ڪنهن به حملي لاءِ نه چيو ۽ نه ئي زور ڀريو موجوده آرمي چيف جي مقرري کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻاسين