اسلام آباد(م ڊ) وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي ۽ ڪمان جي تبديلي جي تقريب 7 آڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. ترجمان چيو ته وائيس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، کيس اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي.