عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي

اسلام آباد (م ڊ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف سائفرس ڪي ٻڌڻي  اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي حوالي سان اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي، قانون واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين سيڪيورٽي ادارن جي طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي سيڪيورٽي ڪليئرنس نٿي ڏني وڃي تيستائين پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل ڪرڻ تي قانون واري وزارت کي ڪو اعتراض نه آهي، ياد رهي ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ خصوصي عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالفقرنين جي طرفان قانون ۽ انصاف اوري وزارت کي هڪ مراسلو لکيو هو، جنهن ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ متعلق راءِ طلب ڪئي وئي هئي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جيل ۾ ٽرائل جو قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.