افغاني پناهگير سنڌ ۾ منشيات ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن:لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل  سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي آفيس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي نگران گھرو وزير انڪشاف ڪيو آهي ته اسمگلنگ ۾ ايجنسيون ملوث آهن ۽ سندس چوڻ آهي ته فوج اسمگلنگ ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ڪندي،  عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ، کنڊ، ڀاڻ سميت مخلتف شيون افغانستان اسمگل ڪري ملڪ ۾معاشي بحران پيدا ڪيو ويو آهي، اسمگلنگ جي ڪاوربار ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سنڌ مان سمورن افغانين سميت ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي  خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ هزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.