نيپال ۾ زلزلو، 11 ڄڻا زخمي، ڀارت ۾ به لوڏا

کٽمنڊو/ دهلي(م ڊ) ڊچ ماهر جي اڳڪٿي تحت پاڪستان ۾ ته زلزلو نه آيو پر ڀارت ۽ نيپال ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، نيپال ۾ زلزلي  جا ٻه لوڏا آيا جنهن ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ سبب مين هاءِ وي بند ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گهرو وزير راما اچاريا چيو آهي ته هماليه جي علائقي ۾ 6.3 ۽ 5.3 جي شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ بجهنگ ضلعي ۾ لينڊ سلائيڊنگ ٿي، جنهن سبب مکيه شاهراهه بند ٿي ويو. پوليس جو چوڻ هو ته زلزلي جي نتيجي ۾ 7 عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ۾ علاج ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي.  هندستان ٽائمز موجب زلزلي جا لوڏا 40 سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو. اين ڊي ٽي وي موجب زلزلي جا جهٽڪا اتر پرديش رياست جي شهرن لکنؤ، هاپور ۽ امروها ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته اتراڪنڊ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.