آصف زرداري ۽ بلاول ٽنڊو الهيار پهچي ويا، ٽي ڏينهن ترسندا

ٽنڊوالھيار ( ڊ ر )اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نجي دوري تي بختاور ھائوس ٽنڊوالھيار پھچي ويا. پ پ اڳواڻ روڊ رستي ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ دريا خان مري لڳ بختاور ھائوس پھچي ويا آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ذرداري جو آصف علي ذرداري جي ويجھي ساٿي غلام قادر مري ۽ ضلعي وائيس چيئرمين حاجي دريا خان مري ۽ ٻين استقبال ڪيو. ٻنھي اڳواڻن جي دوري کي انتھائي ڳجھو رکيو ويو آھي. ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينھن تائين بختاور ھائوس تي قيام ڪندا ۽ پنهنجي زرعي زمينن جا دورا ڪرڻ سان گڏ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.