پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ 3 درخواستون داخل  ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ خلاف 3 درخواستون 10 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. خالد محمود خان جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڃا تائين پرڏيهي ادارن کان منع ڪيل فنڊنگ وٺي رهي آهي، ڪارروائي ڪئي وڃي. خالد محمود جي ٻي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مان ڪڍيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.