وائيس ايڊمرل نويد اشرف سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد(م ڊ) وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي ۽ ڪمان جي تبديلي جي تقريب 7 آڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. ترجمان چيو ته وائيس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، کيس اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.