جناح اسپتال جي باورچي خاني ۾ گند ڪچرو،سيل

ڪراچي(رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيمن ضلعي ڏکڻ ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل  يونيورسٽي جو دورو ڪيو.

تفصيل موجب ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر ياسين سبزوئي جي اڳواڻي ۾ ڏکڻ ضلعي جي ڪيترن ئي ريسٽورنٽن جو معائنو ڪيو.

صفائي جي ناقص صورتحال تي هڪ لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو ريسٽورنٽ جي باورچي خاني کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.   سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنٽينز سنڌ پرويز علي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو.

دوري دوران باورچي خاني جي صفائي ڏاڍي خراب هئي اهڙي صورتحال تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم باورچي خاني جي انتظاميا تي 80 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته باورچي خاني کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.