آمريڪي ڊالر جو قدر وڃائجڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ ڏٺي وئي ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 7 پئسا سستو ٿي 284 رپين 65 پئسن جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر هڪ رپيو 50 پئسا سستو ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 284 رپين 50 پئسن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪاروبار جو هاڪاري رجحان ڏٺو پيو وڃي ۽ 100 انڊيڪس 107 پوائنٽون واڌ سان 46864 تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.