سينيٽ چيئرمين تبديل ڪرڻ جو اصولي فيصلو

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي تبديل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين تبديل ڪرڻ جو فيصلو نواز شريف جي مطالبي تي ڪيو ويو آهي ، نواز شريف جي گهر آهي ته  اسحاق ڊار کي سينيٽ چيئرمين ڪيو وڃي.

ان  سلسلي طاقتور حلقن ته صادق سنجراڻي تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي پر سينيٽ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ( ن) ليگ اميدوار  جي حمايت نه ڪئي ته  اسحاق ڊار جو چيئرمين ٿيڻ مشڪل ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ان ڏس ۾ اطلاع اهي به آهن  ته بلوچستان عوامي پارٽي به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.

هڪ حصو صادق سنجراڻي جي حمايت ڪري رهيو آهي  ٻيو حصو مخالفت ڪري رهيو آهي،  ان ڪري (ن ) ليگ کي پيپلز پارٽي سان ئي  ڊيل ڪرڻي پوندي.

ڏسڻو اهو آهي ته  سينيٽ چيئرمين نواز شريف جي واپسي کان اڳ تبديل ٿئي ٿو يا نوازشريف جي وطن پهچڻ کانپوءِ تبديلي اچي ٿي ۽ پيپلز پارٽي کي (ن) ليگ ڪيئن ۽ ڪهڙن شرطن تي  راضي ڪري ٿي،  ايندڙ وقت ۾ واضح ٿي ويندو

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 04 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.