ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بئنچ ۾ سنڌ جي مختلف کاتن ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تي پابندي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت اسٽي آرڊر برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي 16آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ھيومن رائيٽس، مختلف ضلعن جا ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا.
عدالت ۾ فروغ نسيم جو چوڻ هو ته عدالتي منع نامي باوجود ڀرتيون جاري آھن ۽ پگھارون به ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته عدالتي پابندي کانپوءِ ڪا به ڀرتي نه ڪئي وئي آهي نه ئي پگهارن کي جاري ڪيون ويون آهن.
ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم جو چوڻ هو ته حڪومتي وڪيل غلط بياني ڪري رهيو آهي، ڀرتيون پوئين تاريخن ۾ ڪيون پيون وڃن، سيسي کاتي ۾ 350 نوڪرين جي گنجائش ھئي پر اتي پوئين تاريخن ۾ 468 ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آھن، نوڪريون نه ملڻ جي ڪري ٻن ماڻھن خودڪشيون ڪيون آھن.
جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ۾ چيو ته 350نوڪرين تي 468ڀرتيون ڪهڙي قانون تحت ڪيون ويون آهن، عدالت حڪم ۾ چيو ته اسان گهڻو وقت نٿا ڏئي سگهون اوهان جلدي جواب ڏيو.