اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته چونڊن جي معاملي ۾ اڳ ئي آئين جي ڀڇڪڙي ٿي رهي آهي،نوازشريف کي هوش اچڻ گهرجي، ڇو اليڪشن کي پوئتي ڪرڻ چاهي ٿو.
هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نوازشريف وارا غلط رستي تي نڪري پيا آهن انهن کي جيلن کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، ٻين پارٽين کي خوف آهي ته اهي حڪومت چاهين ٿا، اسان جمهوريت چاهيون ٿا،نوازشريف کي سندس ماڻهو غلط صلاحون ڏئي رهيا آهن، توهان حڪومت لاءِ اچي رهيا آهيو ته اسان توهان کي ووٽ ڏينداسين.
هن چيوته مون کي افسوس آهي ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ ف جمهوريت لاءِ خاموش آهن، نوازشريف جيل ويندو ته هيرو ٿي واپس ايندو، آئين ۾ چونڊن ۾ دير جي گنجائش ناهي، نوازشريف کي قانون مطابق هلڻ گهرجي، اهي نه باجوا نه ثاقب نثار کي ڪجهه نٿا ڪري سگهن،انهن جو بيانيو ڪم نه ڪندو، پوءِ اهي چوندا ته اسان حڪومت ۾ اچون ٿا، معافي ٿا ڏيون، اهي وري اسلام سان کيڏندا، حديثن سان کيڏندا.
سندس چوڻ هو ته اسان باجوا کي ايڪسٽينشن ڏني، اسان کان غلطي ٿي، چار لفظ آهن، sorry قوم معصوم آهي اسان کي معاف ڪري ڇڏيندي، هاڻي ته ن ليگ وري غلطي نه ڪري، ماضي ۾ اسان کان به غلطيون ٿيون، اسان سوري ڪريون ٿا.
هن چيو ته ن ليگ کي خبر آهي ته اها اليڪشن نٿي کٽي سگهي، کين خدشو آهي ته پ پ کٽي ويندي،هن چيو ته اسان ڪياني کي ٻيهر ايڪسٽينشن نه ڏني، پاشا به ايڪسٽينشن گهري هئي، اسان نه ڏني
هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف کي غلط ئي صحيح سزا مليل آهي، کيس ڪيئن ضمانت ملندي؟ نوازشريف جيل وڃي ٿو ته سندس پارٽي چونڊ کٽي ويندي، جاتي امرا ۽ جيل ۾ ڪو به فرق نه هوندو، ميان صاحب خورشيد شاهه جو چوڻ مڃي، واپس اچي، قانون کي منهن ڏئي،شهبازشريف جي ضمانت اسان ڏيون ٿا ته نوازشريف جي جاءِ نه والاريندو.