ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري تجزئي نگار شمع جوڻيجو لکيو آهي ته نومبر کان غير قانوني مهاجرن کي نيڪالي ڏيڻ هڪ وڏو ڪم آهي. نگرانن وٽ ايترو وقت ناهي، ڪراچي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ لکين غير قانوني آهن ۽ انهن کي راتو رات ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهجي.
هڪ سوال اهو آهي ته چونڊ مهم دوران شروع ڪيل هي آپريشن ڪيئن ڪامياب ٿيندو ۽ اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت جي پاليسي ڪهڙي هوندي؟
ٻيو سوال اهو آهي ته سڀئي غير قانوني مهاجر غريب نه آهن. رڳو ڪراچي ۾ لکين غير قانوني مهاجر آهن، جعلي شناختي ڪارڊن تي لکين ماڻهو آهن ۽ انهن وٽ ڪروڙين رپين جا ڪاروبار ۽ ملڪيتون آهن ۽ اهي ڏوهاري ٽولا به هلائين ٿا.ڇا انھن کي ڪڍڻ ايترو آسان ٿيندو.
حق ابڙو لکيو ته افغاني پناگهيرن کي ضياالحق ۽ اسٽيبلشمينٽ سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آباد ڪيا هئا پر تبديل ٿيندڙ حالتن جي ڪري افغاني هاڻي هنن کي ڳچي ۾ پيا آهن .پناهگيرن کي ڪڍڻ لاءِ آواز اٿارڻ جو هي سٺو موقعو آهي.پناهگيرن جي واپسي لاءِ ٽرينڊ هلڻ کپي
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 04 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي