واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي قرض جو بار رکندڙ غريب ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو 2027 تائين قرض جي ڊي پي جي 89.3 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.
عالمي بئنڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا پارليامينٽ ميمبر، ڪابينا ميمبر، ناڻي وارو وزير، ڪابينا ڪميٽي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا ميمبر ٽيڪس پاليسي جوڙڻ ۾ زبردست اثر استعمال ڪندا آهن جيڪو عمل سڌارا روڪي ٿو.
عالمي بئنڪ چيو آهي ته سبسڊيز ۾ گهٽتائي لاءِ مجموعي ٽيڪس قدمن کنيا وڃن ۽ سالياني بنيادن تي ٻه هزار 723 ارب رپيا مالي خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خرچن کي گهٽ ڪيو وڃي.
عالمي بئنڪ جي اختيارين موجب پاڪستان جو ميڪرو اڪنامڪ آئوٽ لڪ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهي ۽ سڌرا اثرائتي عملدرآمد تي ڀاڙين ٿا، مختصر مدي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف اسٽينڊ باءِ معاهدي، مارڪيٽ جي بنياد تي ڪرنسي جي قدر جو پتو لڳائڻ، مانيٽري ۽ مالياتي پاليسي تي عملدرآمد ميڪرو ۽ سياسي ۽ پاليسي عدم استحڪام ۾ گهٽتائي سان اڪنامڪ استحڪام اچي سگهي ٿو.
عالمي بئنڪ موجب پاڪستان کي هاءِ ليڪوڊيٽي رسڪ، ناڻي مٽاسٽا جي گهٽ ذخيرن، غير مستحڪم سياسي ماحول، ٻاهرئين اڪائونٽس جي لوڏن جا ڪيترائي خطرا آهن.
You might also like