راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ وڪيلن جي اعتراضن سبب 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪئي.
اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا وڪيل پيش ٿيا.
ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي به اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيا جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي به عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران اضافي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ رڳو 12 وڪيلن کي اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن ڪيس ۾ ٽرائل روڪڻ واري درخواست داخل ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جيل ٽرائل ۽ ان ڪئمرا ٻڌڻي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي فيصلو محفوظ آهي، جيستائين هاءِ ڪورٽ فيصلو نٿي ٻڌائي ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي وڪيلن جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين هو ايف آءِ اي جي چالان جون ڪاپيون وصول نه ڪندا، شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائل لاءِ هاءِ ڪورٽ جي فيصلو جو انتظار ڪيو وڃي، جنهن تي جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪو به اسٽي ناهي ڏنو.
ٻئي پاسي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪئمرا آهي تنهنڪري صحافين جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي، جنهن تي جج جو چوڻ هو ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي رهي آهي، عام شهري عدالت ۾ موجود نه آهن.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي اعتراضن سبب عدالت اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ائفرس ڪيس جون 3 ٻڌڻيون اٽڪ جيل ۾ ٿي چڪيون آهن، ايف آءِ اي سائفرس ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي ۽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي 10 آڪٽوبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهن.