ڇا پنجاهه هزار کان گهٽ آمدني وارن تي به ٽئڪس لڳندو؟ اهم خبر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي پنجاهه هزار رُپين ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن تي به ٽئڪس لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پنج لک رُپيا ماهوار آمدني وارن تي 35 سيڪڙو شرح سان ٽئڪس لڳايو وڃي ۽ وفاقي سرڪار انهن شعبن تي خرچ نه ڪري جن جا اختيار صوبن وٽ آهن.

عالمي بئنڪ موجب، ستين قومي مالياتي ڪميشن جو ٻيهر جائزو وٺي وفاقي ۽ صوبائي اختيارن ۾ فنانسنگ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي، دڪاندارن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ ٽئڪس فري آمدني جي حد گهٽائي وڃي.

ان کانسواءِ عالمي بئنڪ پاڪستان کي مشورو ڏنو آهي ته پرسنل انڪم ٽئڪس جو اسٽرڪچر آسان بڻايو وڃي، زرعي شعبي ۾ ساڍا ٻارنهن ايڪڙ زمين رکندڙ زميندارن مٿان ٽئڪس مڙهيو وڃي.

عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته مناسب تياري ۽ جائزي کانسواءِ شروع ڪيل ترقياتي رٿائون ختم ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.