پاڪستان ۾ ٿيل تازن حملن ۾ افغاني دهشتگرد ملوث هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان ۾ ويجهڙ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ افغاني دهشتگرد ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تھ افغان دهشتگرد پاڪستان ۾ گھڻي وقت کان مختلف غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ھجڻ جي تصديق ٿي چڪي آھي.

سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان دهشتگردي جي لهر ۾ تيزي اچي وئي آھي.

سڪيورٽي ماھرن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جھڙي دھشتگرد نيٽ ورڪ کي افغان دھشتگردن جي پٺڀرائي حاصل آھي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب انگن اکرن موجب گذريل ڪجھھ مھينن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 24 آپگھاتي حملا ڪندڙن  ۾ 14 افغاني شامل ھئا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تھ 12 مئي 2023 ع تي مسلم باغ ۾ ٿيندڙ دھشتگرد حملي ۾ 5 افغاني دھشتگرد ملوث ھئا.

سڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ 12 جولائي 2023 ع تي زوب ڪينٽ تي دھشتگردن جي حملي ۾ 5 مان ٽي افغاني دھشتگرد ھئا.

سڪيورٽي ذريعن موجب 30جنوري 2023ع تي پوليس لائنز پشاور ۽ 29 سيپٽمبر 2023 تي ھنگو ۾ آپگھاتي حملا ڪندڙن جو تعلق بھ افغانستان سان ھو.

سڪيورٽي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھاڻي وقت اچي ويو آھي تھ افغانستان مان ايندڙ دھشتگردن کي لوھن ھٿن سان منھن ڏنو وڃي.

پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا افغان دھشتگرن خلاف اثرائتي حڪمت عملي تي عمل شروع ڪري چڪا آھن.

عالمي برادري کي گھرجي تھ افغان دھشتگردن جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.