شيکر ڌون جي پاڪستاني ٽيم تي ٺٺول!

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم اوپننگ بيٽر شيکر ڌون پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي وارم اَپ ميچ دوران خراب فيلڊنگ تي طنزيه ٽوئيٽ ڪئي آهي.

پاڪستان پنهنجي ٻي وارم اَپ ميچ آسٽريليا هٿان 14 رنسن تان هارائي، جڏهن ته گرين شرٽس کي پهرين وارم اَپ ميچ ۾ نيوزلينڊ پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

ميچ دوران 23 هين اوور جي پهرين بال تي جڏهن حارث رئوف جي آف اسٽمپ تي شارٽ آف اي لينٿ بال تي آسٽريلوي بيٽر مارنس لبيوشين شارٽ کيڏي، بال بائونڊري ڪراس ڪرڻ کان روڪي سگهجي پيو پر وسيم جونيئر ۽ محمد نواز جي بال روڪڻ جي ڪوشش جي نتيجي ۾ بائونڊري ٿي وئي.

ان ڏس ۾ شيکر ڌون ايڪس تي ٻنهي جي وڊيوز شيئر ڪئي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي ٺٺول ڪئي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻنهي فيلڊرز وچ ۾ ڪائي غلط فهمي ٿي هئي جنهن سبب بال بائونڊري لائين ڪراس ڪري ويو.

ڀارتي ڪرڪيٽر پاڪستان ٽيم تي طنز ڪندي لکيو ته پاڪستاني ٽيم ۽ فيلڊنگ وچ ۾ نه ختم ٿيندڙ محبت جي ڪهاڻي.

ان سان گڏ شيکر ڌون محبت سان ڀرپور ايموجيز ۽ کلڻ وارن ايموجيز جو استعمال پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.