” اسلام پاڪستان ٽيم کي مضبوط بڻايو آهي“

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي اڳوڻي اوپننگ بيٽر ميٿيو هيڊن جو چوڻ آهي ته اسلام موجودا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ميدان ۽ ان کان ٻاهر ڊسپلين ۾ رهڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

اڳوڻي پاڪستاني مينٽور اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ عالمي ڪپ وارم اَپ ميچ دوران ڪامنيٽري ڪندي ڪيو.

ميٿيو هيڊن چيو ته پاڪستاني ٽيم اسلام تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي جيڪو رانديگرن لاءِ اهم آهي، پاڪستان ٽيم ۾ نظم ۽ ضبط مثالي آهي جنهن کي سدائين ساراهيندو آهيان.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڊسپلين جي ضرورت هوندي آهي، ڪرڪيٽ پرعزم ۽ مستقل مزاجي کان وٺڻو پوندو آهي، اِهي تمام شيون جيڪي اوهان کي اسلام سيکاري ٿو اوهان جي ڪلچر جي نمائندگي ڪن ٿيون، گرين شرٽس کي اسلام مضبوط بڻايو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي ٻي وارم اَپ ميچ آسٽريليا هٿان 14 رنسن تان هارائي، جڏهن ته گرين شرٽس کي پهرين وارم اَپ ميچ ۾ نيوزلينڊ پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.