موسميات کاتي ڪراچيءَ جي موسم بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب گرمي پد ۾ لاٿ  جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب، شهر جو موسم اڄ گرم ۽ گهميل رهندي ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خميس ۽ جمعي تي آسمان صاف ۽ جهڙالو رهندو، جڏهن ته ان دوران گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب گرمي پد ۾ لاٿ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.