اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز 2023ع جي ڪيمسٽري نوبيل انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو
سوئيڊن جي راڄڌاني اسٽاڪ هوم ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪيمسٽري جي شعب ۾ 2023ع جو نوبيل انعام ٽن آمريڪي سائنسدانن کي گڏيل طور تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي مائونگي بائوندي، ڪولمبيا يونيورسٽي جي لوئس بروس ۽ نانو ڪرسٽلز ٽيڪنالوجي انڪارپوريشن جي اليڪسي ايڪيموف کي ڪوانٽم ڊاٽس جي دريافت ۽ ان حوالي سان اڳڀرائي ڪرڻ تي اهو اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪوانٽم ڊاٽس ننڍا نانو پارٽيڪلز هوندا آهن ۽ ان سان ٽي وي ۽ ايل اي ڊي ليمپس جي روشني پکڙجندي آهي جڏهن اهي ڊاڪٽرن کي ڳوڙهي وارا ٽشوز هٽائڻ ۾ به مدد فراهم ڪندا آهن.
ان سان گڏوگڏ ڪوانٽم ڊاٽس کي مختلف ٻين ڪمن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهي ٽئي سائنسدان نانو ورلد جي کوج جي بانين ۾ شامل آهن.
نوبيل انعام سان گڏوگڏ انعامي رقم به ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهائي ويندي.