چيني آبدوز پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پئي، آفيسرن سميت 55 نيوي اهلڪار فوت:رپورٽ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني جوهري آبدوز غير ملڪي سامونڊي جهازن کي ڦاسائڻ لاءِ وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 55 اهلڪار فوت ٿي ويا.
برطانيا جي انٽيليجنس رپورٽ موجب چين جي جوهري آبدوز ”ييلو سي“ ۾ غير ملڪي سامونڊي جهازن لاءِ وڇايل ڄار يعني زنجير ۽ اينڪر ۾ ڦاسي پئي جنهن جي نتيجي ۾ آبدوز جي آڪسيجن سسٽم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو جنهن سبب سڄي آبدوز ۾ زهريلي گيس پکڙجي وئي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽس موجب حادثي ۾ چيني بحريا جا گھٽ ۾ گھٽ 55 اهلڪار فوت مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ آبدوز جو ڪپتان ۽ چيني سامونڊي فوج جا 21 ٻيا آفيسر به شامل آهن.
چين طرفان ان قسم جي حادثي جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ بيجنگ ان ڳالهه کان به انڪار ڪيو آهي.
پر برطانيا جي انٽيليجنس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني سامونڊي فوج سان اهو حادثو 21 آگسٽ جي ڏينهن پيش آيو جنهن ۾ 22 آفيسرن کانسواءِ ست ڪيڊٽ آفيسرز، تو پيٽي آفيسرز ۽ 17 سيلرز مارجي ويا هئا.
برطانوي رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته چيني آبدوز چين طرفان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي سامونڊي جهازن لاءِ وڇايل زنجيرن ۽ اينڪر جي ڄار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي ڪري آبدوز جي اندر جو آڪسيجن سسٽم بري طرح سان متاثر ٿيو ۽ 6 ڪلاڪن جي ڪوششن کان پوءِ آبدوز کي سمنڊ جي ڪناري تي آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.