مينهن عورت جو ڏيڍ لک جو منگل سوتر ڳهي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ مينهن ڏيڍ لک رپين جو منگل سوتر کائي وئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اهو عجيب واقعو مهاراشٽرا رياست جي ضلعي واشم ۾ پيش آيو جتي هڪ مينهن ڏيڍ لک ڀارتي رپين ۽ 20 گرام وزني منگل سوتر کائي وئي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورت پنهنجو منگل سوتر سويا بين ۽ مڱيرن جي کَلُن سان ڀريل هڪ پليٽ ۾ رکيو هو جنهن کي هوءَ بعد ۾ ڪڍڻ وساري ويٺي ۽ اها پليٽ مينهن جي هٿ اچي وئي جنهن تي مينهن چرندي منگل سوتر به ڳهي وئي.
ڪجه ڪلاڪن بعد عورتن کي اندازو ٿيو ته سندس منگل سوتر غائب آهي، ياد اچڻ تي عورت پليٽ ڪئي ۽ منگل سوتر نه ملڻ تي مڙس کي ٻڌايو.
ميڊيا رپورٽس موجب واقعي جي خبر پوڻ تي جانورن جي ڊاڪٽر کي گھرايو ويو ۽ ڊاڪٽر طرفان مينهن جي پيٽ جو معائنو ڪرڻ تي منگل سوتر جي مينهن جي پيٽ ۾ هجڻ جي خبر پئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻئي ڏينهن ٻن ڪلاڪن تائين مينهن جو آپريشن ڪيو ويو ۽ منگل سوتر کي ڪڍيو ويو، ان آپريشن مينهن جي پيٽ ۾ 60 کان 65 ٽاڪا لڳا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.