ڇا معصوم فاطمه ڦرڙو سان انصاف ٿيندو؟

اسرار گهمرو

سائيبيريا ۾ جڏهن تمام گهڻي ٿڌ پوندي آهي ته اتان جا سمورا جانور هجرت ڪري ٻين ڀروارن ملڪن ڏانهن هليا ويندا آهن، باقي ڪي ٿورا جانور اتي رهي پوندا آهن جيڪي هجرت جون سختيون برداشت ناهن ڪري سگهندا، يا وري هجرت ڪري ناهن سگهندا، يا وري اهي جانور اتي رهندا آهن جن کي سائيبيريا جي ٿڌ کانسواءِ ٻيو ڪجهه راس ناهي ايندو، ان تباھه ڪندڙ سرديءَ ۾ اتي رڳو بگهڙ بچندا آهن، جيڪي پوءِ هرهنڌ نظرايندا آهن، سڄو ڏينهن هو هڪ ئي ڪرت سان لڳل هوندا آهن، بگهڙ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ برف جو ذرو ذرو جاچيندا آهن، جڏهن کين سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندو ته هو رات جو هڪ گول دائرو ٺاهي ويهندا آهن، بگهڙ سخت بک ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪ باوجود هڪ ٻئي تي پنهنجون نظرون ڄمائي ويهي رهندا آهن، ائين جيئن هو بلڪل تازا ۽ توانا هجن، اهي هڪ ٻئي کي ٿڪاوٽ جو احساس به ٿيڻ ناهن ڏيندا، اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اکين ۾ اکيون وجهي هڪ ٻئي کي ڏسندا رهندا آهن جيئن ڪنهن کي منجهن ڪا به ڪمزوري نظر نه اچي، انهن مان ڪنهن هڪ به اک ڇنڀي يا ننڊ سبب جهوٽو آيس ته سڀ مٿس حملو ڪري کيس چيڙي ڦاڙي کائي ڇڏيندا .

انسانن جي معاشري ۾ به جيڪڏهن قانون نه هجي، ضابطا نه هجن ۽ اخلاقي قدر نه هجن ته شايد اسان به اهڙي قسم جو دائرو ٺاهي ويهي رهون، اهي سمورا علائقا جتي قانون، ضابطا ۽ اخلاقي قدر ناهن اتي اڄ به بگهڙ گول دائرو ٺاهي ويٺل آهن، اهڙي حالت ۾ اسان سڀني کي پنهنجي سموري ٿڪاوٽ، سڄي ڏينهن جي سخت پورهئي، پنهنجي ڪلهن تي کنيل وزن ۽ خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي تڪليف جي باوجود به اک ڇنڀڻ تائين جي به آزادي نه هجي ها، اسان مان ڪنهن هڪ جي به معمولي ڪمزوري نظر اچي ها ته سري عام گهمندڙ ڦرندڙ بگهڙ اسان کي چيري ڦاڙي ڇڏن ها.

راڻيپور جي هڪ پيراڻي حويليءَ  ۾ به شهيد معصوم فاطمه ڦرڙو سان لڳاتار زيادتي ٿيندي ڏسي روح تڙپي اُٿي ٿو، ان جي ماءُ جون حيرت ڀريون اکيون ان جي ماءُ جون نه پر انسانيت جون اکيون آهن، ان ٻارڙيءَ جون پنهنجي ئي اندر ڪيل رڙيون ريهون ان نينگريءَ جون نه پر اسان جي ضمير جون رڙيون آهن.

راڻيپور درگاهھ جي هڪ وحشيءَ حويلي ۾ ملازمت/خدمت ڪندڙ ننڍڙي فاطما ڦرڙو کي مسلسل پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو جنهن سبب معصوم نينگري زخمن جا سور نه سهندي هميشه هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي وئي، سندس شهادت کان پوءِ جڙتو اخلاق وارن ۽ ڏوهن تي پردو وجهڻ وارن شهيد نينگري جي وارثن کي ئي ڏوهي قرار ڏنو، سندن چوڻ هيو ته نينگري کي وارث حويلي ۾ ڇڏي ڇو ويا؟ . پر جتي بک ۽ غربت جو اهو عالم هجي جو ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ  سڪي ته ان کي نوڪري جي اميد نه پر بقا جي جنگ چئبو آهي.

ننڍڙن ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي واقعن ۾ جيڪا واڌ نظر اچي رهي آهي، اهو اصل ۾ اضافو نه پر موبائل فونز ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري هاڻي اها معاشرتي ۽ سماجي گندگي واضح ٿيندي پئي وڃي، اسان جو مسئلو جهالت ناهي، اسان جو مسئلو شعور جي کوٽ نه ناهي، اسان جو مسئلو اخلاقي قدرن کان دوري به ناهي، اسان جو مسئلو انسانيت کان اک چورائڻ به ناهي، اسان جو بنيادي مسئلو منافقت ۽ منافقت تي اطمينان آهي، اسان منافق به آهيون ۽ مطمئن منافق به. اهي ڏوھه رڳو جنسي ناهن، هي معاشرو عورت جي جسم سان نفرت جي حد تائين تذليل ڪرڻ جو معاشرو آهي، صرف جنسي زيادتي سان جسم تي زخمن جا نشان ناهن ٺهندا، اها ان کان گهڻو اڳتي جي نفرت آهي، اهڙي قسم جي ذهني مريضن جي نظر ۾ عورتون گوشت جي ٽڪر کان وڌيڪ ڪجهه به ناهن، جيڪي نه محسوس ڪن ٿيون نه ئي کين درد ٿئي ٿو، هي اهو معاشرو آهي جتي ڌيءَ جي اولاد پيدا ٿيندي آهي ۽ ان جي ڪن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ويندو آهي ته تون هڪ شيءِ/رانديڪو آهين، هي اهو معاشرو آهي جتي ڇوڪرين کي ماءُ، ڀيڻ، ڌي، زال يا ڪنهن ٻئي ڪردار ۾ قبول ڪيو ويندو آهي، ڇوڪري يا عورت هجڻ ڪافي ناهي هوندو، هي اهو معاشرو آهي جتي عورت جي عزت جا نعرا بلند ڪيا ويندا آهن ۽ يارن جي محفلن ۾ هڪ ٻئي سان تاڙا ملائڻ جو موضوع به عورتون ئي هونديون آهن، هي اهو معاشرو آهي جتي رستي تي هلندڙ عورت جا ڪپڙا نظرن سان ڦاڙي سندس جسم کي گندي نظر سان ڇهيو ويندو آهي، هي اهو معاشرو آهي جتي زيادتي جو ڏوھه زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورت مٿان لڳايو ويندو آهي، زيادتي ڪندڙ مٿان نه، هي اهو معاشرو آهي جتي زيادتي ڪندڙ کي سري عام ڦاهي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويندا آھن ۽ زيادتي جو نشانو ٿيندڙ عورت کي گاريون به ڏنيون وينديون آهن، هي اهو معاشرو آهي جتي زيادتي جي خاتمي وارو بحث، زيادتي جي سببن، معاشري ۾ وڌندڙ جنسي بيماري، سماج ۾ عورت جي ڪردار، ماحول کي عورتن لاءِ محفوظ بڻائڻ جهڙن قدمن ۽ انهن جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي حل بدران عورتن کي گهرن ۾ بند رکڻ تي ختم ڪيو ويندو آهي.

هاڻي به جڙتو اخلاقيات جي ٺيڪيدارن ۽ وحشي قاتل جي سهولتڪارن 5 آڪٽوبر تي خيرپور ۾ وحشي قاتل جي حق ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن جي هرهنڌ رستا روڪ ڪري کين ٻڌايو وڃي ته اڃان انسانيت زنده آهي ۽ انسانيت جو درد رکندڙ هر شهري کي عرض آهي ته قاتل کي ڦاهي ڏيارڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکن جيئن وحشي بگهڙن کان جند آجي ڪرائي سک جو ساھه کڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.