اسان اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيون

علي وقاص سنديلو

قدرت اوهان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، هر شئي قدرتي آهي ۽ قدرتي شين ۾ ئي فائدا ۽ حڪمت آهي، دنيا ۾ اوهان ڪا به شئي جڏهن حاصل ڪندا آهيو ته ان جي بدلي ۾ اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي، مثال طور دڪاندار کان ڪا شئي خريد ڪرڻ لاءِ اوهان پيسا ڏيندا آهيو، واپار ۾ ڪجهه شيون ڏئي ڪجهه شيون حاصل ڪبيون آهن، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي پر ڇا اوهان غور ڪيو آهي ته قدرت طرفان اوهان کي ڏنل هر شئي مفت آهي. ڇا اوهان ساهه کڻڻ لاءِ ڪنهن کي پيسا ڏيندا آهيو؟ اوهان جي گهر ۾ جيڪا هوا اچي ٿي ڇا ان جو ڪو ڪرايو آهي؟ خوبصورت باغ به قدرتي آهن پر اسان ڇا ڪريون ٿا؟ انهن کي چوديواري لڳائي ٽڪيٽ مقرر ڪري ڇڏيون ٿا ته هي قدرتي شئي ڏسڻ لاءِ هيترا پيسا ڏيڻا پوندا.

ڀارت ۾ اهڙا ڪيفي کلي ويا آهن جيڪي صاف شفاف فضا ۾ ويهڻ لاءِ في ڪلاڪ جي حساب سان ڪرايو وٺن ٿا، ڀلا ڇا صاف شفاف فضا کي گدلو به اسان پاڻ ناهي ڪيو؟ وڏي ايراضي تي اسان گهر ۽ بنگلا ٺاهيون ٿا پر انهن وڏن ويهارو کن ڪمرن وارن بنگلن ۾ رڳو 2 ڀاتي رهن ٿا يا رڳو نوڪر رهن ٿا ۽ مالڪ پرڏيهه ۾ رهن ٿا. نوڪرن کي به گاڏيون ڏيون ٿا جيڪي فضا ۾ دونهون ڇڏين ٿيون ۽ فضا کي گدلو ڪن ٿيون. اسان جي آفيسن ۾ ٻوٽا هاڻي پلاسٽڪ جا پيل نظر اچن ٿا جن ۾ ڪو قدرتي ساهه ناهي جڏهن ته ساهدار ٻوٽا رڳو وقت ڪڍي باغن ۾ ٽڪيٽ ڀري ڏسڻ لاءِ ويندا آهيون نه ته اسان کي گدلي فضا ۾ جيئڻ جي عادت ٿي وئي آهي.

شايد اسان کي پنهنجي گهرن ۾ مٽي نٿي وڻي جنهن ۾ آخرڪار اسان کي به دفن ٿيڻو آهي، انهيءَ مٽيءَ مان اسان جي ابن ڏاڏن ٿانو ٺاهيا هئا جن ۾ هو کاڌو کائيندا ۽ پاڻي پيئندا هئا پر هاڻي بوتلون ۽ ڪولر پلاسٽڪ جا آهن جيڪي جڏهن استعمال جوڳا نٿا رهن ته پوءِ رڳو ڪچري جو ڍير بڻجي وڃن ٿا ۽ اهو ئي ڪچرو هاڻي انساني رت جي رڳن، ماءُ جي ٿڃ ۽ سمنڊ ۾ مڇيءَ جي پيٽ تائين پهچي ويو آهي. انٽارڪٽيڪا ۾ ته ڪا آبادي ناهي پر اهو پلاسٽڪ برسات جي پاڻي ۾ اچي اتي وسي رهيو آهي، جتي اسان نٿا رهون، اسان ان خطي کي به خراب ڪري رهيا آهيون.

اسان وڏا ناشڪرا آهيون، اسان وٽ جيڏو گهڻو پاڻي آهي تيڏو ضايع ڪريون ٿا، پاڻي پيئڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي پر اجايو ضايع ڪرڻ وڌائي ڇڏيو آهي، هر شئي اسان کي اڄ صاف کپي، گهٽين ۾ به اجايو ڇڻڪار ڪريون ٿا گاڏين کي چمڪايون ٿا پر پيئڻ لاءِ پلاسٽڪ جي بوتل کڻون ٿا. منرل واٽر، بليڪ واٽر ۽ ٻين قسمن جا پاڻي پيسن تي مارڪيٽ مان پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ ملن ٿا پر حقيقت ۾ انهن سڀني کان نلڪو ڀلو آهي، يعنيٰ نلڪي جو پاڻي مفت ۽ منرلز سان ڀرپور هوندو آهي.

دنيا پاڻ ۽ دنيا ۾ موجود هر شئي اصولن ۽ قانونن تي قائم آهي، هڪ اصول اهو آهي ته ڪجهه وٺو ۽ بدلي ۾ ڪجهه ڏيو، هي اصول هر شئي تي لاڳو ٿئي ٿو، فزڪس جو به اهو ئي اصول آهي، بال ڀت ۾ هڻڻ سان موٽ ۾ ضرور بال واپس ايندو آهي، جيتوڻيڪ اسان کي قدرت هر شئي مفت ڏئي رهي آهي پر اسان موٽ ۾ قدرت کي ڇا ڏئي رهيا آهيون؟ مفت ۾ مليل ڪنهن به شئي جو هميشه قدر ناهي هوندو ۽ اسان به ائين ئي ڪري رهيا  آهيون، هر شئي کي ضايع ڪري رهيا آهيون. اسان اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيون پر قدرتي اصول ڪڏهن ناهن مٽبا، اسان جي عملن تي قدرت جو رد عمل ڊگهي وقت کان اچي رهيو آهي، جنهن کي هاڻي ڪلائميٽ چينج چيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.