چيمپيئنز ٽرافي: هائبرڊ ماڊل قبولڻ پاڪستان جي شڪست هوندي…!

سرمد سولنگي

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بورڊ آف ڪنٽرول ڪرڪيٽ فار ان انڊيا) طرفان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد ميگا ايونٽ تي غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن. هڪ پاسي هائبرڊ ماڊل جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سمورو ايونٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري موقف تي ڄميو بيٺو آهي.
خبرون آهن ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني، شيڊيول ۽ وينيو بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بورڊ اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سخت موقف کي ڏسندي بي سي سي آءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي مختلف موقعن تي واضح انداز ۾ اِهو چئي چڪو آهي ته پاڪستان کان ٻاهر ايونٽ ڪرائڻ يا هائبرڊ ماڊل تحت ڪنهن هڪ ٽيم جون ميچون ملڪ کان ٻاهر ڪرائڻ وارو فارمولو قبول نه ڪيو ويندو.
آءِ سي سي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو؟
آءِ سي سي اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي بابت مختلف آپشن تي غور ڪيو ويندو.
آءِ سي سي اجلاس ۾ ٽن آپشن تي غور ڪيو ويندو، جيئن ته ٽورنامينٽ جو ميزبان پاڪستان آهي تنهنڪري آءِ سي سي اجلاس ۾ هڪ آپشن اِهو هوندو ته ايونٽ جون گهڻي قدر ميچون پاڪستان ۾ ئي کيڏيون وڃن، پر ڀارت جون ميچون هائبرڊ ماڊل تحت ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪرايون وڃن.
اهڙي ريت هڪ ٻيو آپشن اِهو هوندو ته ايونٽ مڪمل طور پاڪستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪيو وڃي پر ميزباني جا حق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) وٽ ئي رهن.
ٽورنامينٽ لاءِ ٽيون آپشن اِهو هوندو ته مائنس ڀارت تحت سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ سميت ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جي جاءِ تي ڪا ٻي ٽيم شامل ڪئي وڃي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پهريان به مائنس ڀارت تجويز تي بحث ٿي چڪو، پي سي بي ماضيءَ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي ان تجويز تي زور ڏئي سگهي ٿو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪندي 1996ع ۽ 2003ع واري عالمي ڪپ جا مثال پيش ڪري سگهي ٿو.
1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون.
پي سي بي جو آءِ سي سي ۾ اِهو موقف هوندو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جي نه اچڻ تي وينيو تبديل نه ڪيو ويو، ان مثالن جي بنياد تي پاڪستان هڪ سخت موقف اپنائيندو.
پر صورتحال جو سراسري جائزو وٺڻ کانپوءِ نتيجو اِهو ئي نڪري ٿو ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، پي سي بي ھائبرڊ ماڊل قبول ڪندو ۽ ڀارت پنهنجون مئچون گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏندو، پاڪستان مستقبل ۾ ٿيندڙ ميگا ايونٽس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت به ويندو، ان جو هڪ سڀ کان وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته دنيا جي ڪنهن به بورڊ ۾ ايتري جرئت ناھي جو بي سي سي آءِ کي اکيون ڏيکاري سگهي.
پاڪستان خلاف ٻطرفي سيريز نه کيڏڻ باوجود آءِ سي سي جو 80 سيڪڙو روينيو ڀارت مان اچي ٿو، نشرياتي حق حاصل ڪندڙ ادارن سميت ڪرڪيٽ جي دنيا جا سڀ کان وڏا سيڙپڪار ڀارتي آهي، ڇا انهن سمورين زميني حقيقتن باوجود آءِ سي سي يا ڪو بورڊ چاھيندو ته ڀارت ھن نظام جو حصو نه ھجي ؟
چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني، وينيو ۽ شيڊيول بابت اڃا تائين اعلان نه ٿيڻ سبب براڊ ڪاسٽرز پريشان آهن، ان کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾براڊ ڪاسٽرز کي مالي نقصان ۽ ميگا ايونٽ جي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي، ڇو ته پي سي بي چيئرمين اِهو به واضح ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم پاڪستان نه آئي ته پاڪستان ڪنهن به ٽورمانيٽ ۾ ڀارت خلاف نه کيڏندو.
اُهو قانون جيڪو هر واري ڀارت کي بچائي رهيو آهي
نومبر 2008ع ۾ ممبئي حملن کانپوءِ ڀارت، پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو، ٻئي ٽيمون رڳو آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون آهن.ان دوران پاڪستان 2011ع واري عالمي ڪپ جو سيمي فائنل ڀارتي شهر موهاليءَ ۾ ڀارت خلاف کيڏيو، 2012ع ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو، 2016 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويو ۽ 2023ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ به وڃڻ جو راضپو ظاهر ڪيو.
 ڇا ڀارت جي اوچتو پاڪستان جي دوري کان انڪار تي آءِ سي سي ڪا ڪارروائي ڪندو؟
ڀارت آءِ سي سي جي ظابطن موجب، ” فورس ميجور “شق جي بنياد تي ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
آءِ سي سي ظابطن موجب، ” فورس ميجور “ شق حقيقت ۾ اهڙين واقعن يا عملن تي ٻڌل آهي جنهن تحت ڪو ملڪ ڪنهن سيريز يا ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.ان شق تحت ڪا به ڪارروائي جيڪا حڪومت يا ڪنهن سرڪاري اختيارين طرفان ڪئي ويندي جنهن ۾ اجازت نه ڏيڻ يا ڪنهن به قسم جي منظوري، ڇوٽ يا ڪا به پابندي شامل هجي ته اِها ” فورس ميجور “ جي دائري ۾ ايندي يعني ان کي سيريز يا ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ” قبول ڪرڻ جوڳو “ سبب سمجهيو ويندو.
هوڏانهن ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي هائبرڊ ماڊل تي مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل تي مشروط طور تي راضي ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان جي شرط آهي ته مستقبل ۾ ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ايونٽس ۾ پاڪستان لاءِ به هائبرڊ ماڊل هوندو، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ۾ نه کيڏندو ته پاڪستان لاءِ به ساڳيو ئي فارمولو هئڻ گهرجي.
پي سي بي جو شرط آهي ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ نه پهتو ته اِهي ميچون پاڪستان ۾ ئي ٿينديون، گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) ۾ ٿيندڙ ميچن جي گيٽ مني مان اماراتي بورڊ پي سي بي کي حصو ڏيندو.
اهڙي ڳالهه جو اشارو ڇنڇر ڏينهن دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي پڻ ڏنو، پي سي بي چيئرمين چيو ته اهڙو فيصلو ٿيندو جو آءِ سي سي جا ايندڙ ايونٽس به ان ئي فارمولي تحت ٿيندا، هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ نه ڏينداسين، فتح ڪرڪيٽ جي ٿيندي، فيصلا برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڀارت وڃو ۽ هو پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪندا رهن، هاڻي ايئن نه ٿيندو.
سو هاڻي چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت آءِ سي سي اجلاس پنج ڊسمبر تي سڏايو ويو آهي ۽ پهرين ڊسمبر کان بي سي سي آءِ جي موجودا سيڪريٽري جئه شاهه به آءِ سي سي چيئرمين جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي.
پي سي بي وٽ آخري آپشن وري به هائبرڊ ماڊل قبولڻ جو ئي بچي ٿو جنهن صورت ۾ پاڪستان سموري ايونٽ جي ميزباني ڪندو ۽ ڀارت جون ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿينديون، ڇو ته گذريل سال ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان اھو آپشن قبول ڪري پنهنجو ڪيس پاڻ ئي ڪمزور ڪري چڪو آهي، پر جيڪڏهن پي سي بي ٽورنامينٽ جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي جرئت ڏيکاري ته پوءِ سموري ٽورنامينٽ ڪنهن ٻئي ملڪ به منتقل ٿي سگهي ٿي ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڪستان ڪرڪيٽ جو مستقبل پڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن پي سي بي هائبرڊ ماڊل قبول ڪري ٿو ته اِها پاڪستان جي شڪست سمجهي ويندي، جيڪا ظاهري طور يقيني لڳي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.