ڀارت ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب ٻوڏ، ٽي ڄڻا فوت، 23 فوجي گم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست سڪم ۾ ڪڪر ڦاٽن کان پوءِ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال تباهي مچائي ڇڏي.
عالمي ميڊيا موجب اتر سڪم جي لوناڪ ڍنڍ تي ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽيسٽا درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿي ويو ۽ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويوآهي ته چنگ ٿانگ ڊيم مان به درياهه ۾ پاڻي ڇڏيو ويو جنهن سان وڌيڪ صورتحال خراب ٿي وئي ۽ پاڻي جي سطح 15 کان وڌيڪ 20 فوٽن تائين بلند ٿي وئي، جنهن جي ڪري لاچن ويلي جي ڀرپاسي جي موجود ضلعن کي شديد نقصان پهتو.
ميڊيا رپورٽس موجب ٻوڏ ۾ فوج جون گاڏيون لڙهي ويون ۽ 23 فوجي گم ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻوڏ وهڪري سبب ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جن جا لاش ملي ويا آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب روڊ ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ سبب ريسڪيو جي عمل ۾ سخت ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
ٻوڏ لاچن وادي ۾ ڪيترن ئي فوجي ٺڪاڻن کي به نقصان رسايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.