سائفر ڪيس: عمران خان جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌني کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ان ڪئميرا ڪارروائي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
وفاقي جاچ ادار ايف آءِ اي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته جيئن ته سائفر ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ان ڪئميرا هلي رهيو آهي، تنهن ڪري هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست تي به ان ڪئميرا ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇو ته ان حوالي سان حساس ڄاڻ آهي ۽ عدالت سامهون اهڙي ڄاڻ، دستاويز رکڻا آهن، جن کي پبلڪ نٿو ڪري سگهجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ان ڪئميرا ڪارروائي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تي اوپن ڪورٽ ۾ ٿيندي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل جيڪا ڄاڻ ۽ دستاويز حساس هجڻ جي نشاندهي ڪندا، ان تي دليل ان ڪئميرا ٻڌا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.