ٽوئيٽر ۾ ڪهڙا نوان فيچرز شامل ٿيندا؟

ايلون مسڪ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) ۾ وڊيو گيم اسٽريمنگ ۽ لائيو شاپنگ فيچرز متعارف ڪرائڻ جواشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ کي شيئر ڪندي ايلون مسڪ وڊيو گيم اسٽريمنگ سسٽم جي جهلڪي پيش ڪئي.

ڪمپني جي هڪ ملازم طرفان به هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ وضاحت ڪئي وئي ته ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن گيمز لائيو اسٽريم ڪري سگھندا.

ملازم طرفان ٻڌايو ويو ته ايڪسميڊيااسٽوڊيو جي ذريعي واهپيدار پنهنجي اڪائونٽس کي اوپن براڊ ڪاسٽر سافٽ وئير سان ڪنيڪٽ ڪري سگھندا.

اهو فيچر ظاهري طور تي اسٽريمز تي ناظرين جي ڪمينٽس کي به سپورٽ ڪندو.

اهڙِءَ طرح ڪمپني طرفان لائيو شاپنگ فيچرز جي آزمائش به ايڪس تي شروع ڪئي وئي آهي.

ان مقصد لاءِ ڪمپني مشهور ماڊل پيرس هلٽن سان ڀائيواري ڪئي آهي.

اڃا اهو واضح ناهي ته ايڪس جا لائيو شاپنگ فيچرز ڪيئن هوندا.

اهي نوان فيچرز ايلون مسڪ طرفان ايڪس کي سير سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.