يوم باب الاسلام: وطن واسين لاءِ وچن ورجائڻ جو ڏينهن

سعديه راشد
يوم باب الاسلام جي ملڪي تاريخ ۾ منفرد اهميت آهي ته هن ڏينهن نوجوان سپهه سالار محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ مسلمان مجاهدن ننڍي کنڊ ۾ صدين کان لاڳو ظالماڻي نظام کي ختم ڪري مقامي آبادي کي انصاف جي بنياد تي نظام سان متعارف ڪرايو، محمد بن قاسم پنهنجي عملي مثال سان اهو پيغام ڏنو ته اسلام انسانن وچ ۾ ويڇا ختم ڪري ٿو، طبقن کي ختم ڪري ٿو ۽ سڀني انسانن کي هڪ برادري قرار ڏئي ٿو.
وطن واسين لاءِ 10 رمضان ان حوالي سان اهميت رکي ٿو ته محمد بن قاسم جو هن خطي ۾ اسلام جي دعوت کڻي اچڻ نه رڳو سنڌ پر صدين بعد دنيا جي نقشي تي اسلام جي نالي تي هڪ مملڪت خدادا، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قيام جو بنياد ثابت ٿيو، اهڙي ريت محمد بن قاسم جو فاتح ٿيڻ هڪ انفرادي عمل نه پر مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ نئين روشن باب جي شروعات هئي، محمد بن قاسم جي عدل واري حڪومت جي نتيجي ۾ رضاڪاراڻي طور تي سنڌ جي عوام اسلام جي دعوت کي قبول ڪيو ۽ پوءِ دين جو علمبردار بڻجي سموري ننڍي کنڊ ۾ علمي ترقي ۽ خوشحالي جي عظيم تاريخ رقم ڪئي.
شهيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد حقيقي معنيٰ ۾ تحريڪ باب الاسلام جو علمبردار هو، هن ڏينهن جي حوالي سان همدرد پبلڪ اسڪول سميت همدرد جي ٻين تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي مختلف تقريبون ڪرائيندو هو، ڇو ته هو نئين نسل ۾ حب الوطني جو جذبو بيدار ڪرڻ چاهيندو هو، اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، هن شهر علم و حڪمت مدينته الحڪمه کي قائم ڪرڻ لاءِ اهڙي مقام جي چونڊ ڪئي جتي آثار قديمه جي ماهرن موجب محمد بن قاسم جي سربراهي ۾ مجاهدن جي لشڪر جنگ لاءِ کيما کوڙيا هئا.
يوم باب الاسلام اهو عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان حق جي بقا، ظلم جي خاتمي ۽ دين جي سربلندي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پنهنجي ديني ۽ گڏيل ذميوارين جو احساس ڪندي ملڪ جي نظرياتي پاڙن کي مضبوط ڪنداسين ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.