مونکي ياد ناهي ته منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ڪڏهن ٿي، پر پنھنجي سانڀر ۾ ايندي ئي جن سڃاپرن روشن چھرن سان اڳواٽ ئي پاڻ کي سلھاڙيل ڏٺم، تن ۾ هُو به هو. ساڻس ظاهري ۽ سماجي مائٽاڻو ته بعد ۾ ڳنڍيو، پر هوش سنڀاليندي ئي، سندن گهر سان ويجهڙائپَ ڪري، اسان ڀيڻ ڀائر کيس ’ماما غفار‘ جي نالي سان ئي سڃاڻندا ۽ پڪاريندا هئاسين. تڏهن اها به خبر ڪانه هئي ته هُو ڪو شاعر يا اداڪار به آهي، بلڪه تڏهن ته شايد اهو به شعور نه هو ته شاعري يا اداڪاري هوندي ڇاهي! اسان کيس پنھنجي ڪٽنب جي ڪاڄن ۾ اڪثر اهڙن موقعن جي رونق وڌائيندي ڏسندا هئاسين. هو اڪثر پنھنجي ننڍڙيءَ ڍولڪ سان ڪاڄ جي وچ ۾ ويھي ’ٽاڄي‘ جي لئي ڇيڙي ان تي پنھنجا سُرَ وکيريندو هو ۽ سڄي گهر جي عورتن سان گڏجي پاڻ به سھرا ۽ لاڏا ڳائي، خوشيون وڌائي ڇڏيندو هو. نئين ديري ۾ منھنجي ناناڻي گهر کان سندس گهر گهڻو پري ڪونه هو ۽ جڏهن به اسان ننڍپڻ ۾ نانيءَ وٽ رهڻ ويندا هئاسين، ته گهر ۾ ڪنهن عيد برات تي پڪلَ ڪنهن مٺي يا چھري طعام مان جڏهن ماما غفار جي گهر جو ڀاڱو موڪلڻو هوندو هو، ته مونکي ۽ منهنجي ڀيڻ نائله کي اوڏانهن موڪليو ويندو هو ته ”وڃي ماما جي گهر ڏئي اچو!“ اسان جڏهن ماما جي گهر ويندا هئاسين ته آنٽي قمر (ماما غفار جي گهر واري) قربائتي انداز ۾ اسان ٻارن کي ڀليڪار چوندي هئي. سندن ورانڊي ۾ لڳل ڪاٺ جا پڃرن نما دروازا ۽ انهن جي مٿان لڙڪندڙ وليُون بيحد خوبصورت لڳنديون هيون ۽ ماما جي نئين ديري واري گهر جو سانتيڪو اڱڻ سدائين سُڪون آڇيندي ڀاسندو هو.
شام جي وقت وڃبو هو ته ماما غفار اڪثر پنھنجي ڪمري ۾ ’ڪِي بورڊ‘ تي ڪا نه ڪا ڌُن وڄائيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ان سان گڏ ڳائيندي ملندو هو. مون زندگيءَ ۾ جيڪڏهن پھريون ڀيرو ساز سان پنھنجو آواز ملائي ڳايو هو ته اهو سندس ئي چوڻ تي سندس ڪمري ۾ ڳايو هو، جنھن تي ’ڪِي بورڊ‘ ماما وڄايو هو. اسانجي ننڍپڻ ۾ سندس ان سنگيت جي سنگت جو مونکان وڌيڪ فائدو منھنجي ننڍي ڀاءُ ناصر ورتو، جيڪو ماما جي گهر ويندو ئي ان لالچ تي هو ته وڃي ماما جي گهر راڳ ڳايان ۽ ماما ان تي ’ڪِي بورڊ‘ وڄائي!
منھنجي ان مٺڙي ’ماما غفار‘ کي سنڌ ’عبدالغفار تبسم‘ جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. جنهن جا لکيل گيتَ، جهر جهنگَ ۾ گُونجي نه رڳو گذريل ڏهاڪن کان پنھنجي سُڃاڻ جوڙي چُڪا آهن، بلڪه انهن مان اڻ ڳڻيا گيتَ بيشمار دلين جِي ترجماني به ڪري چڪا آهن.
”تبسم“ جي سُڃاڻپ ته هن قلم ــ کيتر ۾ پير پائڻ کانپوءِ پنهنجائِي، پر تَـرَ جا ماڻھو اڄ به کيس عبدالغفار ڀٽيءَ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا ۽ دوستَ کيس ”ڀٽي صاحب“ سَڏين ٿا. تبسمَ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تعلقي رتيديري جي ڳوٺَ ميرپور ڀُٽي ۾ علائقي جي معزز، قادربخش ڀٽيءَ جي گهر ۾ 20 نومبر 1951ع تي جنم ورتو. سندس والد، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي زمينن جي آمدنيءَ جي حساب ڪتاب جو ڪم سنڀاليندڙ منشي هو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو به کيس نهايت تعظيم ڏيندو هو. عبدالغفارَ، پرائمري تعليمَ نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪئي. هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان 1966ع ۾ مئٽرڪ ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾ بي.ا ي. ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1974ع ۾ ’بين الاقوامي تعلقات‘ ۾ ايم. اي. جي ڊگري ماڻي. يونيورسٽيءَ ۾ هُو نهايت ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ نصابي سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين ۾ به نمايان طور حصو وٺندو هو.
تبسّمَ شاعريءَ جي شروعات مئٽرڪ جي شاگرديءَ واري زماني کان ئي ڪري ڇڏي هئي ۽ پهريون شعر 1965ع ــ 66ع واري زماني ۾ سرجيائين. جڏهن ته سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”گُلن جھڙا ڳلَ“ ان کان 10 سال پوءِ 1976ع ۾ شايع ٿيو. جنهن بعد به ’شفق وارا ڇانورا‘ (1982ع)،’زندگي تنهنجا رنگ هزارَ‘ (1994ع)، ’سوچون، صحرا، سراب‘ (1995ع)، ’نيڻن جي آڳر ۾‘، (1996ع)، ’مٽيءَ جا سُر‘ (1999ع)، ’تنها ڪنڌيءَ مسافر‘ (1999ع)، ’اُڀ هيٺ اڃارا گيتَ لُڇن‘ (2001ع)، ’موسيقي، موسم ۽ تبسم‘ (2003ع)، ’سج آرسيءَ ۾‘ (2005ع)، ’پل پل جُهومي جهول ۾‘ (2006ع) ۽ ’وجُودَ جو درياهُه‘ (2023ع) سميت سندس ڪئين ڪتابَ شايع ٿي پذيرائي ماڻي چُڪا آهن. موسيقيءَ ۽ اداڪاريءَ سان سندس نينهن نھايت پراڻو آهي. هو مختلف انٽرويُوز ۾ مونسان اهو اظهار ڪري چڪو آهي ته شاعريءَ سان سندس ناتو به موسيقيءَ سان عشق سبب ئي جُڙيو. اهو ئي سبب آهي، جو هن پنھنجي گهڻي شاعري ڳارائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ هُو سنڌ جي انهن گيت نگارن ۽ شاعرن مان آهي، جنهن جي کوڙ ساري شاعري ڳائي وئي آهي. پنھنجي نؤجوانيءَ کان هن پنھنجي ڳوٺَ نئين ديري ۾ نه رڳو راڳ جون محفلون منعقد ڪرڻ شروع ڪيون، بلڪه ناٽڪ جا مانڊاڻ به مچايا ۽ مڪاني سطح تي کوڙ سارا اسٽيج ڊراما منعقد ڪيا ۽ انهن جي هدايتڪاريءَ سان گڏوگڏ انهن ۾ پاڻ اداڪاري به ڪيائين. تبسم، ماسٽرس ڪرڻ بعد عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ سان پاڪستان ٽيليويزن جو پڻ پنھنجي ٽئلينٽ جي اظهار لاءِ در کڙڪايو. نؤعمر ۽ خوش شڪل هئڻ سبب کيس تن ڏينهن ۾ نه رڳو ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان جلد موقعو مليو، بلڪه ’ناٽڪ سڀا‘ تحت هلندڙ ڊرامن ۾ جلد ئي مرڪزي ڪردار ملڻ لڳس ۽ هُو ’هيرو‘ طور نظر اچڻ لڳو. اداڪاريءَ جي ان شوق تحت پاڻ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پنھنجي ذاتي لاڳت سان، لاڙڪاڻه فلمز پڪچرز هائوس ڪراچيءَ جي بينر تحت ”برسات جي رات“ نالي فلم به ٺاهيائين، جنهن ۾ ’هيرو‘ جو مرڪزي ڪردار پاڻ ادا ڪيائين، جڏهن ته سندس هيروئن پُونم هئي. هيءَ فلم 1985ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي وئي. فلم ته ايڏي ڪامياب نه رهي، پر ان جا گيت نھايت مقبول ٿيا، جن مان اڪثر اڄ به ريڊيي تان وڄندي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. اهي گيتَ تبسم پاڻ لکيا هئا، فيروزدين ڪمپوز ڪيا هئا ۽ محمّد يوسف، حميره چنا ۽ منظور سخيراڻيءَ ڳايا هئا. ان کانسواءِ فلم ”سھڻا سائين“ ۾ تبسم، ولين جو ڪردار ادا ڪيو هو. اداڪاريءَ جي دنيا ۾ سندس نالو ’غفار ڀٽي‘ مقبول ٿيو.
عبدالغفار ”تبسم“ کي پاڻ کي به ڳائڻ جو شوق رهيو آهي ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن محفلن ۾ نغمه سرائي به ڪندو آهي. خبر ناهي ته ميڊيا جي ادارن سان هيڏي ويجهي وابستگيءَ جي باوجُود هن راڳيءَ جي حيثيت سان سنگيت کي پنھنجي سڃاڻپ ڇو نه بڻايو! نامياري راڳي منظور سخيراڻيءَ کي جيتوڻيڪ پھريون ڀيرو شھرت ته EMI پاران رليز ٿيل سندس البم ”روز بھانا نوان نوان“ سان ملِي، پر ان کان اڳ به منظور جا هڪ ٻه آڊيو البم رليز ٿيا هئا، جن منجهان ’اوڊيَن‘ نالي هڪ ڪئسيٽ ڪمپنيءَ پاران منظُور جي رليز ٿيل هڪ آڊيو ڪئسيٽ به شامل آهي، جنهنجو هڪ دلچسپ قصو اوهان سان سَليندو هلان. هن آڊيو ڪئسيٽ جي ريڪارڊنگ ايتري گهٽ خرچ ۾ ڪئي وئي هئي، جو ان جي ريڪارڊنگ ڪنھن پروفيشنل اسٽوڊيو ۾ ڪرڻ بدران هڪ اَناج جي گودام ۾ رکي وئي. هن ڪئسيٽ ۾ اڪثر گيتَ عبدالغفار ”تبسم“ جا لکيل هئا، جڏهن ته هڪ اڌ گيتَ استاد بخاريءَ جا به هئا. منصوبو اهو هو ته ان البم ۾ ٻه گيتَ منظور سخيراڻي، ثمينه ڪنول سان دوگانن جي صورت ۾ پڻ ڳائيندو. پر ڪنھن سبب ثمينه انجام ڪيل وقت تي پھچي نه سگهي. جڏهن ته گودام محدود وقت لاءِ ريڪارڊنگ لاءِ ورتو ويو هو. تنهنڪري انهن ٻنهي دوگانن ۾ منظور سان ثمينه ڪنول جي جاءِ تي تبسم پاڻ زائفاڻي آواز ۾ ڳائي اها ڪمي پوري ڪئي هئي. اڄ به اهي ٻئي دوگانا ريڪارڊ تي موجود آهن، جن ۾ منظُور سخيراڻيءَ سان انهن دوگانن ۾ عورتاڻي آواز ۾ ڳائجندڙ ٻولَ عبدالغفار ”تبسم“ جا ڳايل آهن. مون ماما غفار جي وڏوَر پُٽَ خليل جبران جي شاديءَ جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ بلوچ ڪالوني فلاءِ اوور ڀرسان واقع ”شايان لان“ ۾ موسيقيءَ جي محفل جي ميزباني ڪندي، منظور جي ڳائيندي حاضرين کي مٿيون دلچسپ واقعو ٻڌائيندي ماما غفار کي اها فرمائش ڪئي ته ”منظُور به آهي… عبدالغفار تبسم به آهي… ته ڇو نه اهي ’اوڊِيَن‘ واري ڪئسيٽ جا ٻئي دوگانا ٻنهي کان ڳارائي هن محفل کي يادگار بڻايو وڃي!“ اهو واقعو ٻڌي حاضرين ۾ ٽهڪڙو ته ڏاڍو مَتو، پر ماما غفار ان رات زائفاڻي آواز ۾ ڳائڻ کان لنوائي ويو. ان محفل ۾ هن پنھنجي آواز ۾ اڪيلي سر ۽ منظور سان گڏجي گيت ڳايا ته سهي، پر زناني آواز ۾ نه…
اڄ، جڏهن سنڌ جي سينڌ ۾ سُخن ۽ سُرن جا جُهومر سجائيندڙ، ع.غ. تبسّم، امريڪي رياست هيُوسٽن ۾ پنھنجي جيون جُون 74 بهارون پوريون ڪري رهيو آهي، ته هُو هڪ جان ليوا بَلا جھڙي وبا سان پڻ جهيڙي رهيو آهي ۽ ان جي ڏُکئي ۽ تڪليف ڏيندڙ علاج جي مرحلن مان گذري رهيو آهي. مون سميت سڄي سنڌ اڄ تبسم جي 74هين سالگرهه جي ڪيڪ تي آس جون ميڻ بتيون ٻاري اها پرارٿنا ڪري رهي آهي ته سنڌ جو تبسّم سنڌ لاءِ سدا ايئن ئي سجيلا گيت سرجيندو رهي… ڪامل صحت سان هن موذي مرض کي شڪست ڏي ۽ صحتَ، سندس سرير کي جلد ڳلي لائي ۽ هُو نوبنو ٿي جلد سنڌ وري… ۽ وري ساڻس ساڳيون رُوح رهاڻيون ٿين… قرب ڪچهريون ٿين… ۽ سنگيت سميلَن ٿين.
شل ”تبسم“ مڪمّل صحت جو صبحُ جلد پسي ته ”مُندَ مُرڪي پوي ۽ جيءُ جرڪي پوي!“
مُندَ مُرڪي پوي، جيءُ جرڪي پوي
تُون جي هيڪر اچين، ته مان جُهومان نچان