ٻارن جو عالمي ڏينهن ۽ خراب کان خراب ٿيندڙ سندن زندگيون

                 اڄ هر سال وانگر 20 نومبر تي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته پنهنجي سماج اندر هر سال ٻارن جي زندگي بهتر کان بهتر ٿيڻ بجاءِ خراب کان خراب تر ئي ٿيندي ڏسون ٿا. ٻارن جي بنيادي حقن کي ته ڇڏيو پر اڄ ٻارن جون زندگيون ئي محفوظ ناهن رهيون.هاڻي وقت اهو اچي ويو آهي جو ٻارن جي اغوائن قتلن ۽ جنسي ڏاڍاين جا واقعا چوٽ چڙهي ويا ان حساب سان ڏسجي ته ٻارن جي عالمي ڏينهن کي هر گذريل سال کان وڌيڪ ملهائڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي آهي.

                 مجموعي طور تي ڏسجي ته ٻارن ڏانهن عزت وارو رويو رڳو اهي ماڻهو رکي رهيا آهن جيڪي ترقي پسند روشن خيال ۽ انتهائي مهذب آهن. جيڪي وري ڏسجي ته اسان جي سماج ۾  اقليت ۾ آهن جڏهن ته ٻارن مٿان ذهني توڙي جسماني تشدد ڪندڙن جو تعداد اڪثريت ۾ هوندو آهي انهيءَ المئي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته ٻار ڪٿي به محفوظ ناهي رهيو. اسان جا اسڪول ڏسندئو ته ٻارن لاءِ تشدد گاهه آهن جتي ماستر ۽ ماسترياڻيون کين مارڻ کي پنهنجو حق سمجهنديون آهن. گهر اندر وري والدين  ۽ مٽن مائٽن جي موچڙي ۾ هوندا آهن. وري ٻاهر به اهي جنسي درندن  ۽ ڏوهارين کان بچيل نه هجن ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته ٻارن جي مڪمل زندگي ٽارچر سيلن ۾ ئي گذري ٿي.

 هڪ سٺي انسان، سٺي سماج ۽ سٺي حڪومت جو معيار اهو هئڻ گهرجي ته اهو ٻين جي بنيادي حقن کي تسليم ڪري واضح رهي ته بنيادي حق صرف ماڻهن جا ئي ناهن ٿيندا پر جانورن، وڻن ٻوٽن، پکين، درياهن، ماحوليات، ملڪن، صوبن،  ڌرتي ۽ ڪائنات جا به ٿيندا آهن. جيڪي ماڻهو، سماج يا حڪومت  جيڪڏهن ٻئي جي بنيادي حقن کي تسليم نه ڪري ۽ انهن جي ڀڃڪڙي ڪندي هجي ته اهو واضح سمجهڻ گهرجي ته نه اهو سٺو انسان آهي، نه سٺو سماج آهي ۽ نه ئي سٺي حڪومت آهي. اسان جو ٻار به اهڙن خراب ماڻهن، سماج ۽ حڪومت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي.

ٻارن سان اسان جي سماج اندر بنيادي طور تي وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته انهن کي هتي صرف ۽ صرف ”ٻار“ سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ هو پنهنجي ذات ۾ هڪ سنجيده سبجيڪٽ آهي. ٻار ٻاراڻي عمر ۾ جيڏو تيزي سان ذهن کي استعمال ڪندو آهي ايڏو وڏي عمر وارو به استعمال نه ڪندو آهي. ڪنهن به گهر، اسڪول ۽ سماج ۾ مليل ماحول ۾ ٻار ڪيڏي تيزي سان پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري ٿو، ڪيڏي تيزي سان اتي ڳالهائي ويندڙ ٻولي سکي ٿو تنهن تي خوشگوار حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. ٻارن جي ذهني وسعت جو عالم اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي هر قيمت تي ٻارن جي سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي ته اوهان ٻارن جي پڇيل 80 سيڪڙو سوالن جا جواب ئي نه ڏئي سگهندئو يعني جيڪي ٻار اوهان کان سوال پڇندا تن جو اوهان وٽ جواب ئي نه هوندو.

 ٻارن سان اسان جي سماج اندر ٻيو وڏو ظلم اهو هوندو آهي  ته انهن کي وڏن جي عزت ڪرڻ جو ته پابند بڻايو ويندو آهي پر وڏن کي ننڍن ٻارن جي عزت ڪرڻ ناهي سيکاريو ويندو. جڏهن ته عام سماجي مشاهدي ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته عزت جو معاملو ڏي وٺ جي بنياد تي هوندو آهي اوهان ڪنهن جي عزت ڪندئو ته اهو به اوهان جي عزت ڪندو. اوهان ٻارن جي بي عزتي ڪيو، ٻين ماڻهن يا دوستن جي آڏو سندن تذليل ڪندئو ته اهو اخلاقي طور ته ڀلي کڻي پوءِ  به اوهان جي عزت ڪندو پر اهو طئي آهي ته اها عزت دلي طور نه ڪندو. سو اهو سمجهڻو پوندو ته ماڻهو جي بنيادي نفسيات ٺهندي ئي ٻاراڻي عمر ۾ آهي تنهن ڪري عمر جو اهو حصو بيحد اهم سمجهڻ گهرجي. ٻارن جي پرورش ۾ جيڪو اوهان پوکيندو سو ئي لڻندئو. ٻارن جي ذهني اوسر  دوران جيڪڏهن ان جي دماغ ۾ ڳالهه ويهاري وڃي ته هو جيڪو ڪجهه به چوي ٿو، جيڪو ڪجهه به سوچي ٿو تنهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وقت جو زيان آهي ته پوءِ هو سڄي عمر ڇو نه دٻيل رهندو.  ڇا اسان پنهنجي ان رويي سان غير تخليقي ذهن ۽ غير جمهوري ٻار نٿا پيدا ڪريون جن ۾ نه سمجهڻ جي عادت وجهبي ۽ نه ئي ٻئي کي ٻڌڻ يا سوال پڇڻ جي صلاحيت پيدا ڪجي. پر مجموعي طور تي ڏسجي ٻارن لاءِ اسان وٽ اهو تصور  رهيو آهي ته اهي وڏن جي اکين سان ڏسن، وڏن جي زبان سان ڳالهائين، وڏن جي ڪنن سان ٻڌن ۽ بس.

اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هر سال 20 نومبر تي ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسان سندن بهتري لاءِ سوچيندا آهيون ۽ هر سال اها اميد ڪندا آهيون ته شل ايندڙ سال ٻارن لاءِ ڀاڳوند ثابت ٿئي پر زميني حقيقتون اهي آهن ته هر سال ٻارن لاءِ پوئين سال کان خراب ئي نظر ايندو آهي.  هاڻي کين سٺو ۽ آدرشي ماحول ڏيڻ جون ڳالهيون ته ڇڏيو پر هن جديد دور ۾ سندن زندگيون ئي محفوظ ناهن رهيون. سندن اغوائن جا واقعا ته روز ٿين ٿا پر ايڏي تيزي سان سندن بازيابي نه ٿي ٿئي. سالن جا سال گذري وڃن ٿا پر اغوا ٿيل ٻار واپس موٽي نٿا ملن.هاڻي ته اهي ٻار قتل غارت جو به شڪار ٿيڻ لڳا آهن.  ساڻن ٿيندڙ جنسي واقعا ته ناقابل برداشت بڻجي ويا آهن پر مجال آهي جو حڪومت ٻارن جي اغوائن، قتلن ۽ جنسي ڏاڍاين توڙي تشدد جو ڪو نوٽيس وٺي. حڪومت شايد ان ڪري نوٽيس نه ٿي وٺي جو اها انهن کي ”ٻار“  ٿي سمجهي ۽ ٻارن جي معاملي کي سنجيده نه ٿي وٺي جيڪو عمل ۽ رويو انتهائي مذمت جوڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.