صدر، مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جج جسٽس مظاهر نقوي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي کي جڊيشل مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار قرار ڏنو هو.
مظاهر نقوي جي جج طور مستعفي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن به واپس ورتو ويو.
واضح رهي ته هلندڙ مهيني سپريم جڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪندي پنهنجي راءِ منظوري لاءِ صدر کي موڪلي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.