گوادر پورٽ اٿارٽي تي ڪالعدم تنظيم جو حملو ناڪام، سمورا 8 حملي آور مارجي ويا

گوادر (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي ڪالعدم بي ايل اي جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي سمورن 8 حملي آورن کي ماري ڇڏيو.
ذريعن موجب ڪالعدم تنظيم بي ايل اي جي دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن گوادر ڪامپليڪس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا وقت سر ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي وئي.
ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ سمورا 8 حملي آور مارجي ويا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب علائقي ۾ فائرنگ کان اڳ ڌماڪا به ٻڌا ويا.
واضح رهي ته گوادر اٿارٽي ڪامپليڪس ۾ پاسپورٽ آفيس، اليڪشن ڪميشن آفيس سميت ٻين سرڪاري ادارن جون آفيسون به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.