سرحد پار کان دهشتگردي هاڻ برداشت نه ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سرحد پار کان دهشتگردي هاڻ برداشت نه ڪنداسين ۽ پاڙيسري ملڪ جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي ته اهو قبول ناهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردن جو مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، پاڪ فوج جي جوانن جي وطن سان محبت انمول آهي.
هن چيو ته پاڙيسري ملڪ سان امن ۾ رهڻ چاهيون ٿا، ان سان ڀائراڻا لاڳاپا ۽ واپار چاهيون ٿا، سرحد پار کان هاڻ دهشتگردي برداشت نٿا ڪري سگهون، پاڙيسري ملڪ جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي ته اهو قبول نه هوندو.
سندس چوڻ هو پاڙيسري ملڪ کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.