”ڊي ايڇ اي وارا ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پئسو ڪمائڻو اٿوَ ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته ڊي ايڇ اي وارا سڌو سنئون ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پئسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين جي منتقلي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ڊي ايڇ اي جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا.
ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته ڊي ايڇ اي شهيدن جي وارثن ۽ جنگ ۾ زخمين کي پلاٽ ڏيندو آهي، ان تي جسٽس عرفان سعادت سوال ڪيو ته ڇا ڊي ايڇ اي رڳو شهيدن لاءِ ڪم ڪندو آهي؟
وڪيل چيو ته ان منصوبي ۾ ڪمرشل پلاٽ به هوندا آهن.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊي ايڇ اي وارا سڌو سنئون ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پئسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو.
چيف جسٽس چيو ته اها گيم گهڻا دفعا ڏٺي آهي، ان معاملي ۾ ٽي مک ڪردار آهن، پرويز مشرف، پرويز الاهي ۽ نجي هائوسنگ سوسائٽي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته اهي آهن پاڪستان جا اصل مالڪ؟ وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي ته زمين الاٽ ڪرڻ وارو؟ ڇا وڏي وزير جو اختيار آهي؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني ائين نه ڪيو جيئن وزيراعليٰ ڪري رهيو آهي، اهي ماڻهو تمام گهڻا طاقتور آهن، انهن سڀني کي خريد ڪيو آهي.
چيف جسٽس اهو ڪيس لائيو هلائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.