عمران خان کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان عمران خان کي آجو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ صهيب بلال لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ عمران خان ۽ ٻين جي بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين تي لانگ مارچ دوران ماڻهن کي اڪسائڻ جو الزام آهي، جيڪڏهن پبلڪ کي اڪسايو ويو ته پراسيڪيوشن کي ثابت به ڪرڻو پوندو.
عدالت چيو ته ڪو ثبوت عدالت ۾ جمع نه ڪرايو ويو، سڀني جوابدارن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ رڪارڊ اڻ پورو آهي.
پوءِ عدالت عمران خان کي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان آجو ڪري ڇڏيو.
ان کانسواءِ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، علي نواز اعواڻ، راجا خرم، فيصل جاويد، شيخ رشيد ۽ شيرين مزاري کي به بري ڪيو ويو.
واضح رهي ته اسلام آباد جي عدالت گذريل ڏينهن به ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.