غيرت ڪيو، رشوت گهرندڙ کي مٿي ۾ سِر هڻو: گنڊاپور جو عوام کي مشورو

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير رشوت وٺندڙ آفيسر جي مٿي ۾ سِر هڻڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
ڊيرا اسماعيل خان جي ڳوٺ سيد عليان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته رشوت وٺندڙ ۽ ڏيندڙ ٻئي دوزخي آهن، رشوت گهرندڙ آفيسر کي مٿي ۾ سر هڻو ۽ منهنجو نالو کڻو.
هن چيو مون کي ڪڏهن دانهن نه ڏيو ته فلاڻو رشوت گهري رهيو آهي، رشوت گهرندڙ کي مٿي ۾ سر هڻو ۽ ان جي پٽ کي چئو ته توهان جي پيءَ کي جهنم کان بچايو آهي.
سندس چوڻ هو ته نه پاڻ جهنمي بڻجو نه مون کي بڻايو، عوام غيرت ڪري ۽ رشوت خور کي موقعي تي سزا ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.