ٺٽو/سانگهڙ(ڊر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نئين تڪ بندين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، ٺٽي ضلعي جي ھڪڙي صوبائي سيٽ پي ايس 79 ختم ڪئي وئي. ٺٽو پي ايس 75 ۾ گھارو ٽائون ۽ ڪجھ ايريا ميرپور ساڪرو جا شامل آبادي 5 لک 56 ھزار 767 تي مشتمل ڪئي وئي. گھوڙاٻاري پي ايس 76 ۾ ساڪرو ٽائون ۽ ٻھراڙي وارا ڪجھ حصا ملائي 5 لک 26 ھزار 424 تي نئين تڪ مشتمل ھوندي. سانگهڙ ۾ کپري وارو قومي تڪ ختم ڪيو ويو، هن تڪ تان شازيا مري چونڊجي وئي آهي.
-
تڪبندين بابت 26 آڪٽوبر تائين اعتراض ڪري سگهجن ٿا
اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن موجب تڪ بندين جا نقشا به ويب سائيٽ تي موجود آهن، شروعاتي تڪ بندين جي اشاعت 30 ڏينهن اندر مطلب 26 آڪٽوبر تائين رهندي، شروعاتي تڪ بندين تي اعتراض لاڳاپيل تڪ جو ووٽر ڪري سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين اعتراضن تي فيصلا ڪيا ويندا، اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ لازمي آهي ته اهو لاڳاپيل تڪ جو ووٽر هجي، ضلعي جا نقشا اليڪشن ڪميشن کي قيمت ادا ڪري وٺي سگهجن ٿا .