سامونڊي پٽي، ڪوھستان ڪراچي جي حدن ۾ شامل ڪرڻ سازش آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرستن ۽ ترقي پسندن، ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ ردوبدل ڪري ڪراچي جون حدون وڌائڻ واري امڪاني فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي تھ پيپلزپارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت پاران سنڌ دشمن ڊجيٽل آدم شماري کي تسليم ڪرڻ واري عمل  جا ڀيانڪ نتيجا سامھون اچي رھيا آھن، ٺٽي جي سامونڊي پٽي، ڪوھستان ۽ ٻين علائقن کي ڪراچي جي حدن ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي سنڌ جي وحدت ۽ ڊيموگرافي خلاف سازش جو حصو سمجهون ٿا، تاريخي ۽ ثقافتي علائقن کي تڪ بندين جي نالي ۾ ٽوڙي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھھ عوامي آواز سان ڳالھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تھ پيپلزپارٽي چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدم شماري ڪرائي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو، جنھن جو نتيجو اڄ اھو نڪتو آھي تھ سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ دولھھ درياءَ خان ۽ رسول بخش پليجي جي ضلعي ٺٽي کي ٽوڙي ختم ڪيو پيو وڃي، ڇا ڪاڻ تھ ڊجيٽل آدم شماري جي ذريعي ھڪ سازش تحت ٺٽي ضلعي جي ھڪ سيٽ گھٽائي ڪراچي کي ڏني وئي آھي ۽ پيپلزپارٽي ھڪ ڀيرو ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ بھ خاموش ويٺل آھي، اسين سمجھون ٿا تھ ٺٽي ضلعي جي حدن سان ھٿ چراند ڪرڻ سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ واري سازش آھي، سنڌ دشمن ماڻھو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ چاھين ٿا، ھي ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي ۽ ڪراچي کي ڄامشوري ضلعي جي علائقن تائين وڌائي ھڪ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌ دشمن سمورن منصوبن جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي، ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ جي نياڻين روڊن رستن تي نڪري احتجاج پئي ڪيا، سڄي سنڌ اھو پئي چيو تھ اھا ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وار آھي، پر پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪيو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي، ڪوھستان ۽ ٻين علائقن کي ڪراچي جي حدن ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي سنڌ جي وحدانيت خلاف سازش جو حصو سمجهون ٿا، غير قانوني ۽ جعلي آدم شماري کي سنڌ گڏيل طور تي رد ڪري چڪي، تنهن ڪري جعلي ڊجيٽل آدم شماري ذريعي ٺٽي جي ساحلي پٽي، ڪوھستان جي تاريخي ۽ ثقافتي علائقن کي تڪ بندين جي نالي ۾ ٽوڙي ڪراچي ملير ۾ شامل ڪرڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ تاريخ ۽ ثقافتي ورثن سان هٿ چراند برداشت نه ڪئي ويندي. ھن چيو ته ساحلي پٽي تي غير قانوني طور تي سيٽ لائيٽ ٽائون ٺاهڻ جو به منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪري، ڌارين کي آباد ڪيو ويندو، خدشو آهي ته تڪ بندين جي نالي ۾ ٺٽي کي ڪوريو پيو وڃي، تنهن ڪري جسقم اهڙي عمل کي سنڌ جي وحدت خلاف سازش سمجهي ٿي، اسان اھڙي سازش کي عوامي طاقت ۽ جدوجهد سان ناڪام بڻائينداسين. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو تھ سنڌ ضلعن جي حدن ۾ ڦيرڦار ۽ روينيو رڪارڊ ۾ وڏي پئماني تي ردوبدل ڪري تباھي ڪرڻ وارو ڪم جنرل پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جي حڪمراني جي دورن ۾ ٿيو آھي، بحريا ٽائون کي غير قانوني طريقي سان زمينون الاٽ ڪري ڄامشوري ضلعي ۾ آندو ويو ۽ ھاڻ ان کي بحريا ٽائون ڪراچي 2 جو نالو ڏنو پيو وڃي، ڊي ايڇ اي کي ٺٽي ضلعي جي ميرپورساڪري تعلقي جون زمينون ڏنيون ويون آھن، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون ٺاھي ان کي ڪراچي ۾ شامل ڪيو ويو آھي، اھڙي طريقي سان ملڪ جي سگھارن ادارن پاران ميرپورساڪري تعلقي جي حدن ۾ ميگا رھائشي اسڪيمون ٺاھيون پيون وڃن ۽ ٺٽي ضلعي جي مقامي ماڻھن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ ھي آخر ڪراچي کي ڪيترو وڌائڻ ٿا چاھين، کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ تباھي ڪئي وئي آھي، جيڪو ڄامشوري ضلعي ۾ اچي ٿو، سنڌ جا ماڻھو اھڙن فيصلن خلاف پرامن احتجاج ڪندا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو چيو تھ ٺٽي ضلعي جون حدون ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ وارو امڪاني فيصلو سنڌ جي جاگرافي خلاف ٿيندڙ سازشن تسلسل آھي، ھي حدبنديون اھڙي تڪراري آدمشماري جي بنياد تي ٿي رھيون آھن جنھن کي سنڌ مڪمل طور تي رد ڪري چڪي ھئي، ڊجيٽل آدمشماري کي قومپرستن سنڌ جي عوام جي راءِ جي بنياد تي رد ڪيو، پر پيپلزپارٽي آدمشماري تي اعتراض ڪرڻ باوجود مجراماڻو ڪردار ادا ڪندي وڃي سي سي آئي ۾ ان کي تسليم ڪري آئي، پيپلزپارٽي جو آدم شماري ۾ بھ مجرماڻو رويو ھو، سنڌ جي جاگرافي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي ۽ پيپلزپارٽي ۾ ان ۾ ڀاڳي ڀائيوار آھي، اھو ڪنھن کي بھ حق نٿو پھچي تھ ڪنھن بھ علائقي جي رھواسين کان نمائندگي جو حق کسيو وڃي، پيپلزپارٽي جي سمورين غدارين جي ڪري سنڌ جي جاگرافي جي لاءِ خطرا وڌي ويا آھن. عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو تھ ٺٽي، خيرپور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن جون سيٽون ۽ ووٽ گهٽائڻ ايم ڪيو ايم جي خواهش تي سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ ٺٽي جي تاريخي حيثيت آهي. ان کي ٽوڙڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي. هن چيو ته جڏهن کان سازشي ڊجيٽل آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو عوام تحريڪ ان سنڌ ۽ ملڪ دشمن آدمشماري خلاف مسلسل احتجاج ڪيو. سڄي سنڌ ۾ ريليون، مظاهرا، ڪانفرنسون ۽ احتجاجي ڌرڻا هنيا، وفاقي سرڪار ۽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير اعليٰ مراد علي شاھھ ڊجيٽل آدمشماري جا انگ اکر منظور ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو آهي. 30 سيپٽمبر تي دادو ۾ ڪانفرنس ۽ 15 آڪٽوبر تي بدين شهر ۾ هزارين ماڻهن جي احتجاجي ريلي ڪڍنداسين، سنڌ جي سڄڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو تھ حڪمراني حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪمران طبقو سنڌ جي ھر شي نيلام ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي، اسلام آباد جون قوتون ايندڙ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جو ھڪ بک تيار ڪرڻ چاھين ٿيون، جنھن ڪري ٺٽي جون حدون ڪٽي ڪراچي ۾ شامل ڪري ڪراچي جي لاءِ نيون اسيمبلي جون سيٽون ٺاھيون پيون وڃن، اليڪشن ڪميشن جو اھو عمل ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ناھي، سمورين سنڌ دوست ڌرين کي اھڙي سازش خلاف گڏيل جدوجھد جو اعلان ڪرڻ گھرجي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ ھن ملڪ جو الميو آھي تھ ھتي نوڪر شاھي بادشاھي واري انداز ۾ فيصلا پئي ڪري ۽ ڪو بھ پڇڻ وارو ناھي، ھڪ طرف ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ انڊسٽريل زون پيا ٺھن تھ ٻئي پاسي ملڪ رياض جھڙن ماڻھن ۽ سگھارن ادارن کي زمينون ڏنيون پيون وڃن، عوامي ورڪرز پارٽي بدنيتي جي بنياد تي ٺٽي ضلعي جون حدون ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ واري امڪاني فيصلي جي مذمت ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.