ٿاڻن تي ايندڙ ماڻهن جي مفت ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ پاران مفت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رفعت مختار آفيسرن کي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ايف آءِ آرز مفت ۾ داخل ڪئي وڃي، مان نه پڇندس ته ڪيترين ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي سخت ايڪشن وٺندس، ڏوهارين خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي وڃي، هاڻي انهن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي وڃي،   اوهان آزادي سان ڪم ڪريو، اوهان جي رهنمائي لاءِ حاضر آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.