حيدرآباد( پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سنيئروائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو ،وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي ، جنرل سيڪريٽري غفارميرجت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي ، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي ، پريس سيڪريڪريٽري اياز سولنگي ، ماليات سيڪريٽري جاويد عمراڻي رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته اسلام آباد جي حڪمرانن ۽ سنڌ حڪومت افغانين کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هيو، پر وري اسلام آباد جا حاڪم ڦري ويا آھن، جن وفاقي حڪومت جو اهو پلان ظاهر ڪيو آھي ته اسان يارنهن لک افغاني ڪڍنداسين جيڪي کنڊ ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث آھن، پر حقيقت اها آھي ته جيڪي افغاني ملڪ ۾ رهن ٿا اهي سڀ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آھن ،انهن جو هن ملڪ ۾ رهڻ غيرقانوني آھي ،انهن کي فوري طور ملڪ مان ڪڍن اهي مقامي ماڻھن لاءِ عذاب بڻجي ويا آھن، هنن چيو ته سنڌ جي ماڻھن مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان جي احتجاج ۽ جدوجهد جو حصو بڻجن ته جيئن غيرملڪين جي نيڪالي لاء سگهاري جدوجهد ڪري سگهون