ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو چيو آهي ته شفاف اليڪشن تيستائين ممڪن ناھي جيستائين پيپلز پارٽي جي پيرول تي آيل بيروڪريٽ اھم عھدن تي مقرر آھن، سڄي سنڌ ۾ اڃا تائين اڳوڻا وزير ۽ صلاحڪار سرڪاري گاڏين،سرڪاري تيل ۽ پوليس جي پروٽوڪول ۾ هلي رهيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس يو پي سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو، روشن علي ٻرڙو سنڌ ۾ ٿيل ٽرانسفر پوسٽنگ کي آءِ واش قرار ڏيندي چيو ته هن وقت تائين سنڌ جي سمورن اهم جڳھين تي پيپلز پارٽي جا حمايت يافته ۽ حلف يافته آفيسر ويٺل آھن جنھن جو مثال وزيراعليٰ هائوس آھي جتي آغا واصف ۽ رشيد چنا ٻئي مراد شاھ جا خاص ماڻھو ويٺل آھن ھن چيو ته منظور ڪاڪا کي هر مهيني ڪروڙين رپيا ڏيڻ وارو آفيسر نعيم مغل اڃا تائين ڊي جي ماحوليات آھي، مڪيش چاولا جو خاص ماڻھو وحيد شيخ اڃا ڊائريڪٽر ايڪسائيز آهي،ھن چيو ته سنڌ جا عملدار اڃا تائين پيپلز پارٽي جي اڳواڻن بلڪه بلاول ھائوس مان هدايتون وٺي رهيا آهن ھن چيو ته اسان کي سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ نگران صوبائي گهرو وزير جي نيت تي شڪ ناهي پر انھن کي پيپلز پارٽي جي باقيات بيورو ڪريسي جي مشنيري گمراهه ڪري رھي آھي،