ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي ۾ گاڏين جوا واپار ڪندڙ جي گهر تي ڇاپو، پرڏيهي ڪرنسي هٿ آهي، حساس ۽ جاچ ادارن ڪراچي جي پي اي سي ايڇ سوسائٽي ۾ گڏيل ڪارروائي دوران قيمتي گاڏيون امپورٽ ڪندڙ جي گهر مان پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي، اختيارين موجب ڪارروائي 26 سيپٽمبر جي رات 8 لڳي 45 منٽن تي واپاري عزيز سيکا جي گهر تي ڪئي وئي، سڪيورٽي ذريعن موجب حساس اداري سان گڏ ايف آءِ اي ۽ پوليس اهلڪار به ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ۾ شامل هئا، عزيز سيکا امپورٽ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو هو، جنهن جي گهر جي نگراني بعد ڪاروائي ڪئي وئي، ڪارروائي ڪندڙ ٽيم موجب، نوٽن جا بنڊل ٿانوَن ۾ لڪايا ويا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته عزيز سيکا جي گهر مان 23 هزار ڊالر، پاڪستاني ڪرنسي ۾ 2 ڪروڙ 6 لک کان کان وڌيڪ رقم ، 5 لک 49 هزار روپين جا پرائز بانڊ ۽ 2 موبائيل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.