لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي امير سراج الحق ماهوار بجلي جي بل کي سرڪاري ڌاڙو قرار ڏنو آهي، جماعت اسلامي امير سراج الحق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوام هر مهيني بجل جو بل ڏيندو آهي جيڪو اصل بل نه پر هڪ سرڪاري ڌاڙو آهي، حڪومت اعلان ڪيو آهي ته بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو ۽ 75 رپيا في يونٽ بجلي جي قيمت ڪئي ويندي، ايندڙ ڏينهن ۾ 100 رپيا في يونٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته اسان هڪ توانائي ڪانفرنس گهرائي، ماهرن ان ۾ چيو ته نجي بجلي گهرن آءِ پي پيز سان گڏ معاهدا سهي نه ٿيا ۽ حڪومت ان ملڪن کان تيل وٺندي آهي جيڪي ڊالر تي پيمنٽ وٺندا آهن، جڏهن ته ايرا چيو آهي ته اسان سستي گئس ۽ سستو تيل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پنهنجي لائين به وڇائي پر پاڪستاني حڪومت چوي ٿي ته اسان تي دٻاءُ آهي، ملڪ ۾ اڄ به تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان سستي بجلي ٺهي ٿي، سولر انرجي سان ٺهندڙ بجلي جي قيمت 16 رپيا في يونٽ آهي پر عوام مٿان وڏو بار وڌو ويو آهي.